حڪيم، محمد صالح ڪانڌڙو

حڪيم، محمد صالح ڪانڌڙو

حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو

حڪيم، محمد صالح ڪانڌڙو: سائين جي. ايم. سـيـد جي ويـجهي ساٿي، اديب ۽ مشهور حڪيم محمد صالح ولد مير خان ڪانڌڙي، 14 جون 1912ع تي سن شهر ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي پڙهڻ بعد عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. غربت سبب مزدوري ۽ واپار به ڪيائين. ٻه شاديون ڪيائين. پهرين گهر واريءَ مان 6 پُٽ ۽ 4 نياڻيون ٿيس، پر اوچتو ملڪ ۾ ڪالرا جي بيماري پئي، جنهن ۾ سندس سمورا ٻار ۽ هـڪ ڀاءُ گذاري ويا. سندس ماءُ ۽ پاڻ وڃي بچيا. ڪافي وقت کان پوءِ ماءُ جي ضد تي ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان 4 پُٽ ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيس. 1937ع کان حڪمت شروع ڪيائين. ابتدا ۾ ڪـنهن هندو پنساريءَ کان نسخا ورتائين، پوءِ حڪمت جي ماهرن: حڪيم گل محمد، حڪيم سيد حيدر شاهه (قاضي احمد واري)، مولوي نور محمد نوراني (سکر واري)، حڪيم حبيب الله شاهه (جيڪب آباد واري) کان نسخا حاصل ڪيائين ۽ طبي ڪاليج اسلام آباد مان طب جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوري ملڪ ۾ ڏهـيـن پـوزيـشن کڻي پاس ٿيو هو. سندس طبيعت مزاح واري ۽ گفتگو وڻندڙ هئي، جنهنڪري ماڻهو وٽس تمام گهڻا ايندا هئا. سندس حڪمت جو دڪان ڄڻ ڪچهريءَ جو آستان هوندو هو، کيس تمام گهڻي ڄاڻ هئي، حافظو به ڪمال جو هـونـدو هئس. ايندڙ مريضن کي شاهه لطيف ۽ راضي فقير جا بيت ٻڌائيندو هو. جي. ايم. سيد جو عقيدتمند ۽ صحبتي هو. روزانو شام جو وٽس ڪچهريءَ لاءِ وينـدو هو. 1971ع ۾ جـڏهن جي. ايم. سيد شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي 17 ماڻهن جو وفد بنگلاديش موڪليو ته ان جا اڳواڻ سيد امداد محـمـد شـاهه، رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو هئا. اتي سندس تقرير شيخ مجيب الرحمان کي گهڻو متاثر ڪيو هو. حڪيم صاحب جا ڪم قابل تعريف آهن. هو سن ۾ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽيءَ جو بنياد وجهندڙن مان هو. هن سوسائٽيءَ طرفان شهر جي دڪاندارن کان پنجـن پئسن جي حساب سان روزانو چندو ورتو ويندو هو، جنهن مان پسگردائيءَ جي غريب شاگردن لاءِ يونيفارم، ڪتابن ۽ فين وغيره جو خرچ ڀريو ويندو هو. ان ريت ڪيترن غريب شاگردن جي مدد ٿيندي هئي. اها سوسـائـٽــي اڄ به سـاڳـيءَ ريـت ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت ان سوسائٽيءَ کي سيد ضياءَ شاهه هـلائـي رهـيو آهي. هن سوسائٽيءَ طرفان 15 شاگرد ڪئناڊا موڪليا ويا آهن.
حڪيم محمد صالح لطيف شفاخانو هلائيندو هو، جتي استادن ۽ شاگردن جو علاج مفت ڪندو هو. حڪيم صاحب مولوي عبدالخالق (بهاولپور)، مولوي محمد صالح سيال (دادو)، مولانا خسرو (حيدرآباد دکن) کان گهڻو متاثر هو. هن جي. ايم. سيد جي ڪچهرين مان تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس اوطاق به مشهور هوندي هئي، جتي جي. ايم. سيد جي سالگرهن جي موقعن تي 1968ع کان 1996ع تائين سوين ماڻهن جي رهائش جو بندوبست هوندو هو.
حڪيم صاحب ٽي ڪتاب: (1) مجربات صالحين، (2) تجربات صالحين ۽ (3) صحبت صالحين لکيا.
سندس اولاد مان وڏو پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف ڪانڌڙو ’اسڪول آف ميل نرسنگ‘ ۾ نرسنگ ٽيوٽر آهي، ٻيو پُٽ عبدالستار ڪانڌڙو سيوهڻ ڪاليج جو پرنسپل آهي، ٽيون پُٽ مظهر علي ڪانڌڙو سن شهر ۾ اسپيئر پارٽس جو دُڪان هلائيندو آهي ۽ چوٿون پٽ علي محمد ڪانڌڙو ياماها ڪمپنيءَ ۾ ڊپٽي پراڊڪشن مئنيجر (بلوچستان) آهي. سندس هڪ نياڻي آپا نذيران جيڪا ساڻس حڪمت ۾ هٿ ونڊائيندي هئي، سا مڊوائيف جي نوڪري ڪري ٿي.
حڪيم محمد صالح 12 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي.


لفظ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.06.14  عيسوي

سائين جي. ايم. سـيـد جي ويـجهي ساٿي، اديب ۽ مشهور حڪيم محمد صالح ولد مير خان ڪانڌڙي، 14 جون 1912ع تي سن شهر ۾ جنم ورتو.


1996.11.12  عيسوي

حڪيم محمد صالح 12 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي.  



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تولارام عاجز
رضيه سلطانه کوکر
آري شينهائي
چارلس اوليونٽ
محمد ابراهيم پنهور
مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري
راجپال بولچند وسو مل
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
راشد منهاس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون